ڪنڌ ڪوٽ صحافي سليم ميراڻي جا ٻھ سئوٽ پراسرار نموني گم وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاھر ڪيو ويو

ڪنڌ ڪوٽ صحافي سليم ميراڻي جا ٻھ سئوٽ پراسرار نموني گم وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاھر ڪيو ويو آهي پريس ڪلب جي ميمبر نجي ٽي وي جي رپورٽر نوجوان صحافي سليم ميراڻي ٻڌايو ته منهنجا سئوٽ خالد عرف لالو ميراڻي ـ صدرالدين ميراڻي موٽر سائيڪل تي چڙھي ڪري باء پاس لڳ ٻيڙي چوڪ طرف ھوٽل تي صبح جو 12 وڳي چانھ پئڻ لاء نڪتا جيڪي 8 ڪلاڪ گذرڻ جي باوجود واپس نه آيا آهن ھنن جا فون نمبر به بند آهن ھر طرف ڳولا ڪرڻ جي باوجود ڪو ڏس پتو نه پيو آهي جنهن ڪري اسان کي شڪ آهي ته ٻئي نوجوان اغوا ٿي ويا آهي اھڙي واقعي جي ايس ايس پي بشير بروھي کي به ڏني آهي جنهن نوجوانن جا نمبر ٽريس تي لڳايا آهن صحافي سليم ميراڻي جي سئوٽن جي پراسرار گمشدگي تي صدر پير بخش بنگوار ـ جنرل سيڪريٽري راجا گوپي چند ۽ ٻين صحافي دوستن پاران پوليس کان مطالبو ڪيو ته ٻنھي نوجوانن کي فوري واپس ڪرايا وڃن صحافي جي گھر ۾ پيدا ٿيل ڏک کي ختم ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو