ملڪ جي سالميت ۽ خودمختاري جي دفاع لاءِ پوري طرح تيار آهيون: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته هٿياربند فوج، ملڪ جي سالميت ۽ خودمختاري جود فاع ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح تيار آهيون آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف رحيم يار خان جو دورو ڪيو. ڪور ڪمانڊر ڪراچي ۽ انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايويليوايشن آرمي چيف جو استقبال ڪيو. آرمي چيف تربيتي مشقن شمشير صحرا جو معائنو ڪيو. آرمي چيف کي تربيتي مشق(شمشير صحرا) بابت بريفنگ ڏني وئي جنرل عاصم منير جوانن سان ڳالهين ۾ تربيتي معيار، آپريشنل تيارين ۽ سمورن رينڪ جي اعليٰ حوصلي جي پڻ تعريف ڪئي آءِ ايس پي آر موجب مشق جو مقصد چيلنجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پيشوارانه مهارتن ۽ جنگ جي ميدان جي طريقيڪار ۾ اضافو ڪرڻو هو. مشق ۾ پاڪ فضائيه جي جهازن به حصو ورتو. مشق ۾ اليڪٽرانڪ وار فيئر جي صلاحيتن ۽ وار فيئر آپريشنز کي به شامل ڪيو ويو جنرل عاصم منير آرمرز، ميڪانائزڊ انفنٽري، آرٽلري، ايئرڊفينس، اينٽي ٽينڪ گائيڊڊ ميزائل ۽ ٻين جي مربوط فائر ۽ جنگي مشقن جو معاهدو ڪيو. آرمي چيف فوجين سان پورو ڏينهن پڻ گذاريو آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته هٿياربند فوج کي دشمن جي ڪنهن به مهم جوئي جي لاءِ هر وقت تيار رهڻ گهرجي مشق ۾ شريڪ فوجين سان ڳالهين دوران آرمي چيف تربيتي معيار، آپريشنل تيارين ۽ سمورن رينڪ جي اعليٰ حوصلي جي تعريف ڪئي. شمشير صحر مشق جو مقصد آپريشنل ماحول ۾ مستقبل جي چيلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل پيشوارانه مهارتن ۽ جنگ جي ميدان جي طريقيڪار کي وڌائڻو هو.