ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو آهي ڪراچي جي علائقي صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ، اولڊ سٽي ايريا، ملير، لانڍي ۽ نيشنل اسٽيڊيم جي چوڌاري سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات رڪارڊ ڪئي وئي ان حوالي سان چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته مغربي هوائن سبب اڄ هلڪي برسات جو امڪان آهي. شهر ۾ هن وقت سٺي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن، هوائن جي رفتار 25 کان 30 ڪلو ميٽر تائين وڌڻ جو امڪان آهي سردار سرفراز موجب سڀاڻي به شهر ۾ موسم جهڙالو رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته اڱاري کان آسمان صاف ٿي ويندو، اڱاري تي گرمي پد 32 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي چيف ميٽرولوجسٽ وڌيڪ ٻڌايو ته رمضان جي پهرين عشري ۾ گرمي پد مارچ جي معمول واري گرمي پد موجب ئي هوندو.