بورڊ بازار جي ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هڪ دهشتگرد زخمي ٿي پيو جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي پوليس موجب زخمي ۽ لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي، علائقي جي چوڌاري سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي صحافين سان ڳالهين دوران ايس ايس پي چيو ته ڌماڪي ۾ 4 کان 5 ڪلو بارودي مواد استعمال ٿيو پر حدف ڪير هو اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو، جاچ ڪري رهيا آهيون، ٽئي جوابدار هڪ موٽر سائيڪل تي سوار هئا بم ڊسپوزل يونٽ جي رپورٽ موجب ڌماڪو خودڪش نه هو پر بارودي مواد جي منتقلي دوران ڌماڪو ٿيو. جاچ ٽيم موجب ڌماڪي ۾ ڪوبه سويلين فوت ناهي ٿيو پر موٽر سائيڪل تي سوار دهشتگرد پاڻ ئي بارودي مواد جو شڪار ٿي ويا. ٽارگيٽ کان اڳ موٽر سائيڪل سوارن سان گڏ پيل بارودي مواد ڦاٽي پيو جنهن دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا. گرفتار دهشتگرد جي عمر 28 کان 30 سال جي وچ ۾ آهي، وڌيڪ ڄاڻ تحقيق کان پوءِ سامهون آندي ويندي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ڌماڪي جي مذمت ڪندي آءِ جي پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي. وزيراعظم دهشتگرد حملو ناڪام بنائڻ تي پشاور پوليس جي تعريف ڪندي چيو ته رب پاڪ جو شڪر آهي ته اسان وڏي نقصان کان بچي وياسين وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون رائيگان نه وينديون اسان سڀ انهن سان گڏ آهيون ۽ دهشتگردي کي جڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون پوليس موجب ڌماڪي جي شروعاتي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته واقعي ۾ ڪنهن به شهري کي نقصان ناهي پهتو، مارجي ويل ۽ زخمي ٿيندڙ دهشتگرد آهن جن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. مارجي ويل ۽ زخمي دهشتگرد جو تعلق پشاور سان آهي جيڪو سي ٽي ڊي کي گهربل هو، دهشتگردن کان موبائل فون ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي.