گوادر سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ هڪ دفعو ٻيهر رات کان برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي گوادر ۾ رات کان جاري تيز برسات سبب روڊن تي پاڻي جمع ٿي ويو، ڏوراهين علائقن ۾ به تيز برسات پئي جنهن سبب زهران، سيسدي، چوڙا ۽ لاڳاپيل علائقن جا هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. تيز برسات سبب اهم روڊ هڪ ڀيرو ٻيهر بند ٿي ويا آهن موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته مغربي هوائن جو سلسلو بلوچستان ۾ داخل ٿي ويو آهي. 10 مارچ کان 13 مارچ تائين بلوچستان جي 28 ضلعن ۾ برسات جڏهن ته زيارت، ڪوئٽه، چمن، پشين، قلعه عبدالله ۽ قلعه سيف الله جي جابلو علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي پي ڊي ايم اي بلوچستان برسات ۽ برفباري کي نظر ۾ رکندي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي مختلف شهرن سميت خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي.