آصف زرداري کي صدارتي پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽي ڏني وئي، اهم سامان ايوان صدر منتقل

ملڪ جي نئين چونڊيل صدر آصف علي زرداري کي صدارتي پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽي ڏني وئي آهي گذريل ڏينهن ٻيون ڀيرو صدر چونڊجندڙ آصف علي زرداري اڄ پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو. آصف علي زرداري واحد سويلين آهي جيڪو ٻيون ڀيرو صدر چونڊجو آهي. آصف زرداري 411 جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ محمود اچڪزئي 180 اليڪٽورل حاصل ڪيا ذريعن موجب آصف زرداري کي صدارتي پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽي ڏني وئي آهي اهو حلف برداري جي تقريب کان اڳ ايوان صدر منتقل ٿي ويندو. نئين چونڊيل صدر جو اهم سامان ان جي پرسنل سيڪريٽري رخسانه بنگش جي نگراني ۾ ايوان صدر منتقل ڪيو ويو آهي.