ڪشمور۾ مبينا پوليس مقابلو نوجوان بازياب ڪرائڻ جي دعوا گهيلپور جي ڪچي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري نوجوان کي بازياب ڪرايو ويو

ڪشمور۾ مبينا پوليس مقابلو نوجوان بازياب ڪرائڻ جي دعوا گهيلپور جي ڪچي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري نوجوان کي بازياب ڪرايو ويو ايس ايڇ او علي مراد وارثن پاران قرآن پاڪ ڪچي واري علائقي ۾ گهمائڻ تي ڌاڙيلن پاران نوجوان جي بازيابي ٿي آهي علائقي ۾ افواهون ايس ايڇ او علي مراد کوسا جي اڳواڻي ۾ پوليس جي وڏي نفري ڪچي ۾ ڪارروائي ڪري وڏي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي ٻه هفتا اڳ ڪشمور جو رهواسي نوجوان مبينا پوليس مقابلي بعد بازياب ٿي گهر پهچي ويو ان حوالي سان ايس ايڇ او گهيلپور جو چوڻ آهي ته اسان کي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن جي چرپر ٿيڻ بابت ڳجهي اطلاع ملي جنهن تي ڪارروائي ڪندي ٻه هفتا اڳ ڪشمور مان اغوا ٿيل مغوي رب ڏنو ڇيڄڻ کي بازياب ڪرايو پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي ڌاڙيلن گهيرو تنگ ڏسي ڪچي طرف فرار ٿي ويا هن وڌيڪ چيو ته ڌاڙيلن خلاف سرچ آپريشن جاري آهي ڌاڙيلن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو ٻئي طرف افواهون آهن ته اغوا ٿيل رب ڏنو ڇيڄڻ جي بازيابي وارثن پاران قرآن پاڪ جي گهمائڻ تي ٿي آهي وارثن قرآن پاڪ کڻي ڪچي واري علائقي ۾ کڻي ويا هئا ۽ ڌاڙيلن کي اپيل ڪئي ته اسان غريب آهيون ۽ اسان کي پيسا ناهن جو اسان ڏئي سگهون ان ڪري اسان جي نوجوان کي آزاد ڪيو وڃي. اغوا ٿيل نوجوان جي بازيابي کانپوءِ مغوي جي بازيابي تي گهر ۾ خوشي وارو ماحول بڻجي ويو آهي علائقي ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي ويو آهي