ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل ٻن نوجوانن جي بازيابي لاءِ گھر ۾ قرآن مجيد جو ورد ڪيو پيو وڃي مغوي بازياب نه ٿيڻ جي ڪري ماءُ ۽ پيءُ کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا

ڪنڌڪوٽ ضلعي ھيڊ ڪوارٽر ۾ بدامني عروج تي پهچي وئي گذريل ٻن ڏينهن کان اغوا خالد عرف لالو ميراڻي، صدر الدين ميراڻي جي بازيابي لاءِ گھر ۾ قرآن پاڪ جو ورد ڪيو پيو وڃي ۽ سندس ماءُ ۽ پيءُ کي بيھوشي جا دورا پوڻ لڳا ھنن ايس ايس پي بشير احمد بروهي کان مطالبو ڪيو آهي ته مغوين کي جلد بازياب ڪرائي گھر ۾ بيچيني ختم ويندي ھوڏانھن ايس ايس پي بشير احمد بروهي جي اڳواڻي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جو آپريشن ھلندڙ آهي انشاء الله جلد ڪاميابي ٿيندي ۽ مغوين کي بازياب ڪرائي ڌاڙيلن جو مڪمل خاتمو آندو ويندو