بخشاپور لڳ ڪارنهن جي الزام هيٺ گولا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو فائرنگ هڪ عورت قتل هڪ عورت سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا اسپتال منتقل لاش گهر ۾ پهچڻ تي قعرام مچي ويو

تفصيل موجب بخشاپور لڳ ڳوٺ حاڪم علي گولو ۾ گولا برادري جي ٻن ڌرين جي وچ ۾ ڪارنهن جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي م گوليون لڳڻ سبب هڪ عورت مسمات زليخان خاتون ٿڏي تي قتل ٿي وئي جڏهن ته سندس هڪ عورت سميت پنج ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا اهڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين ۽ مقتولا عورت جو لاش تحويل ۾ ورتو ۽ اسپتال کڻائي آندو جتي پوسٽ مارٽم بعد مقتولا عورت جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي قعورام مچي ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه وري گرفتار عمل ۾ اچي سگهي آهي