وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي مقرري لاءِ وزيرن جي لسٽ صدر ڏانهن موڪلي ڇڏي

وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينه جي مقرري لاءِ صدر آصف علي زرداري ڏانهن ناالا اماڻي ڇڏيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف 19 ميمبرن کي بطور وفاقي وزيرن جي مقرري جي تجويز ڏني آهي شهباز شريف طرفان صدر ڏانهن اماڻيل تجويز ۾ چيو ويو آهي ته خواجه آصف، احسن اقبال، رانا تنوير، اعظم نذير تارڙ، چوڌري سالڪ حسين ۽ عبدالعليم خان کي بطور وفاقي وزير مقرر ڪيو وڃي وزيراعظم جي سمري ۾ ڄام ڪمال، امير مقام، اويس لغاري، عطاءُالله تارڙ، خالد مقبول صديقي، قيصر شيخ ۽ رياض پيرزاده کي به وفاقي ڪابينه ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي ان کان علاوه شهباز شريف احد چيمه، محمد اورنگزيب، اسحاق ڊار، مصدق ملڪ ۽ محسن نقوي کي به وفاقي ڪابينه جو حصو بنائڻ جي درخواست ڪئي آهي. جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف شزا فاطمه کي مملڪتي وزير بنائڻ جي سمري به صدر ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.