ڪرمپور مين بازار ۾ چنه برادري جي ماڻهن جي حملي ۾ هندو برادري جا 2 ڄڻا زخمي, هندو برادري جو ڪرمپور ٿاڻي اڳيان احتجاج انصاف جو مطالبو

خبر موجب : ڪرمپور مين بازار ۾ شيمپو جي ڊيميج بوتل جي معاملي تان چنه برادري جو هندو برادري جي دڪان مٿان حملو, حملي ۾ جيتينڌر ڪمار بالاڻي ۽ رنجيت ڪمار دارا زخمي پيا, جهيڙي دوران سيٺ جيتينڌر ڪمار بالاڻي کي جسم سميت سڄي اک زخم ۾ رسيو ۽ سيٺ رنجيت ڪمار دارا جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا, ٻئي طرف واقعي خلاف هندو برادري جو بابو لعل منڌاڻ, جيتينڌر ڪمار, رنجيت ڪمار, راجڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪرمپور ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته شيمپو جي ڊيميج بوتل جي معاملي تان چنه برادري جي ماڻهن ربنواز چنو, شعيب چنو, ذوهيب چنو ڪامران چنو سميت 10 کان وڌيڪ ماڻهن دڪان تي حملو ڪري تشدد ڪيو جنهن ۾ هندو برادري جا 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا, هندو برادري جي ماڻهن چيو ته اسان سان ناانصافي آهي, وس وارا واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف ڏيارين, ٻئي طرف ڪرمپور پوليس واقعي جي اين, سي داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڏني