ڪنڌڪوٽ جي صحافي سليم ميراڻي جا اغوا ٿيل ٻن سؤٽن خالد ميراڻي ۽ صدر الدين ميراڻي جي بازيابي لاء 12 مارچ تي ايس ايس پي آفيس ڪنڌڪوٽ اڳيان احتجاجي ڌرڻي جو اعلان

سنڌ ملاح فروم ضلع ڪشمور ڪنڌڪوٽ طرفان ڪنڌڪوٽ جي صحافي سليم ميراڻي جا اغوا ٿيل ٻن سؤٽن خالد ميراڻي ۽ صدر الدين ميراڻي جي بازيابي لاء 12 مارچ تي ايس ايس پي آفيس ڪنڌڪوٽ اڳيان احتجاجي ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو آهي ـ ٽي ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نوجوان خالد ۽ صدر الدين ميراڻي جي بازيابي ۽ اغوا واقعي خلاف سنڌ ملاح فورم طرفان ضلعي صدر غلام مصطفي’ ميراڻي ـ جنرل سيڪريٽري غلام رسول ميراڻي ـ صوبائي اڳواڻ بشير احمد ميراڻي جي صدارت ھيٺ ھڪ خانگي اسڪول ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي گڏجاڻي ۾ ملاح فورم جي اڳواڻن ثناء الله ميراڻي ـ ڪامريڊ ياسين ميراڻي ـ شرف ميراڻي ـ رھزن ميراڻي ـ رضا محمد ميراڻي ـ رئيس اسلم ميراڻي ـ مغوين جي وارثن صحافي سليم ميراڻي سميت ميراڻي برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ـ گڏجاڻي صلاح مشوري تي پوليس انتظاميا کان صحافي سليم ميراڻي جي اغوا ٿيل ٻن سؤٽن خالد ميراڻي، صدر الدين ميراڻي سميت تمام مغوين جي بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو ٻئي صورت ۾ اڱاري واري ڏينهن 12 مارچ تي ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو ۽ ڀرپور نموني تحريڪ ھلائي ويندي سنڌ ملاح فورم جي اڳواڻن گڏجاڻي ۾ سنڌ حڪومت، آء جي سنڌ ، سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سيڪیورٽي ادارن سميت وس وارن کان مطالبو ڪيون ٿا ته صحافي جي ٻن سؤٽن سميت اغوا ٿيلن کي بازياب ڪرايو امن امان بحال ڪرايو وڃي