ڪنڊيارو: قومي شاهراهه تي تيز رفتار ڪوچ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، ٻن سڳن ڀائرن سميت 3 ڄڻا فوت

ڪنڊيارو ڀرسان قومي شاھراھ تي ڪوچ جي ٽڪر ۾ 3 موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويا. فوتين ۾ ٻه سڳا ڀائر ۽ سندن چاچو شامل آهن ڪنڊيارو ڀرسان قومي شاھراھ تاج پيٽرول پمپ ڀرسان تيز رفتار مسافر ڪوچ جي ٽڪر ۾ 3 موٽر سائيڪل سوار ٿڏي تي فوت ٿي ويا اطلاع ملڻ تي فوتين جا لاش ضروري ڪاروائي لاء حسوا ايمبولينس ذريعي تعلقه اسپتال منتقل ڪيا ويا جتي فوتين جي سڃاڻپ ڳوٺ ڪبير گھانگھرو واسي منظور، بلاول ۽ روشن گھانگھرو طور ٿي فوتين جا لاش تعلقه اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا حادثي جو شڪار ٿيندڙ پورھيت سرن جي بٺي تي مزدوري ڪندا ھيا جيڪي ڳوٺ کان مزدوري تي وڃي رھيا ھيا ٻئي پاسي حادثو ڪندڙ گاڏي وارو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.