تفصيل موجب ڇڏي ديس پنهنجو مٺا اڄ وڃون ٿاڪشمور ضلعو توهان کي ڏئي وڃون پيا هي آهي ڪشمور ضلعي جو حال ڪرمپور شهر ۾ ڪيترن صدين کان رهندڙ ديوان برادري بدامني کان تنگ ٿئي اڄ ٻچڙن سان لڙڪ لاڙيندي پنهنجي اباڻي شهر ڪرمپور سميت سنڌ نماڻي کي الوداع ڪري ڀارت روانا ٿي ويا ان موقعي تي ڪرمپور شهر جي مشهور شخصيت ديوان انيل ڪمار اتم مل ٻين چيو ته بدامني ڦر اغوا روز جو معمول بڻيل آهن اهو ڏينهن خالي ناهي جو ڦر نه ٿئي اسان پنهنجي سنڌ ڌرتي کي ڇڏڻ لاءِ تيار ناهيون پر اسان کي سنڌ مان لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي هنن وڌيڪ چيو ته ڪيترن صدين کان وٺي ڪشمور ضلعي جي ڪرمپور شهر سان وابسته آهي اغوا , ڦرون, ڌاڙن کان تنگ ٿئي خوف مان ڪشمور ضلعو کي الوداع ڪيون پيا ڪرمپور جي مشهور شخصيت ديوان انيل ڪمار اتم مل جو خاندان بدامني جي ڪري پنهنجي جنم ڀومي کي ڇڏي ڀارت وڃون پيا وڌيڪ ڪيترائي خاندان ڀارت وڃڻ لاء مڪمل تياري ڪري ڇڏي آهي ڪجهه ڏينهن اندر هليا ويندا رڳو ويزا جو انتظار آهي ديوان برادري جي انڊايا لاءِ روانگي کان اڳ دوستن سان ملڻ کان پوءِ ڪرمپور شهري توڙي علائقي واسين کي اکين مان ڳوڙها تري آيا