ڪوئٽه جي ايئرپورٽ روڊ تي قائم گهر ۾ گيس ليڪيج سبب ٿيل ڌماڪي عورت ۽ 2 ٻارن کان حيات ي کسي ورتي چيف فائر برگيڊ آفيسر عبدالحق موجب گهر ۾ ڌماڪي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ۽ فائر برگيڊ جون گاڏيون موقعي تي پهچي ويون چيف فائر برگيڊ ٻڌايو ته گيس ڌماڪي سبب گهر ۾ باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ عورت ۽ 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا چيف فائر برگيڊ موجب فوت ٿي ويل عورت ۽ ٻارن جا لاش ۽ زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته گهر ۾ لڳل باهه تي مڪمل ڪنٽرول ڪيو ويو آهي.