ڪنڌ ڪوٽ مان اغوا ٿي ويل شهرين جي بازيابي ۽ وڌندڙ بدامني خلاف شٽربند هڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويو. ان سان گڏ ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيلن پاران به عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو 8 ڏينهن گذرڻ باوجود بـ ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿي ويل صحافي سليم ميراڻي جي ٻن سوٽن خالد ميراڻي ۽ صدرالدين ميراڻي سميت 12 کان وڌيڪ مغوي بازياب نـ ٿي سگھيا وڌندڙ بدامني خلاف شھري سراپا احتجاج بڻيل آھن شھرين پاران شبير ميراڻي، ظريت بجاراڻي، بشير ميراڻي، اڪرم باجڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شٽربند ھڙتال ڪري خالد ميراڻي ۽ صدرالدين ميراڻي سميت سڀني مغوين جي بازيابي جو مطالبو ڪيو شھرين جو چوڻ آھي تـ ڪنڌڪوٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن سميت پوري ضلعي اندر امن امان جون حالتون انتھائي خراب آھن ضلعي ۾ ھڪ ئي امن امان جو مسئلو آھي جيڪو مھينن نـ پر سالن کان ھلي رهيو آهي. اڳ ۾ ڪجھـ گھٽ هو ھاڻي تـ انتھائي وڌي ويو آهي. ھن وقت ڪشمور ضلعو اغوائن جي انڊسٽري بڻجي ويو آھي، شھرين کي اغوا ڪرڻ ھڪ ڪاروبار بڻجي ويو آھي جنهن تي شھرين کي اغوا ڪري ڀنگ ورتو پيو وڃي ڀنگ نـ ڏيڻ جي صورت ۾ تشدد ڪري قتل ڪيو ٿو وڃي مظاهرين چيو ته ھن وقت شھري گھرن، دوڪانن توڙي سفر ۾ محفوظ نـ آھن شھري ھن وقت ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي آھن شھرين جو چوڻ آھي تـ ھيڏي وڏي بدامني با وجود بـ سنڌ سرڪار جي خاموشي ھڪ سواليـ نشان بڻيل آھي شھرين سنڌ جي وڏي وزير ۽ آء جي سنڌ کان مغوي خالد ميراڻي۽ صدرالدين ميراڻي سميت ضلع مان اغوا ٿي ويل سڀني مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪري ڇڏي آهي.