وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد جي مختلف يوٽيلٽي اسٽورز جو دورو ڪيو آهي وزيراعظم شهباز شريف رمضان رليف پيڪيج جي ورهاست جي جائزي لاءِ اسلام آباد ۾ مختلف يوٽيلٽي اسٽورز جو اوچتو دورو ڪيو، وزيراعظم دوري دوران مستحقين سان ملاقات پڻ ڪئي ان موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي وزيراعظم چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز تي بهترين قدم کنيا ويا آهن حقدارن کي عام واهپي جون شيون ڏنيون پيون وڃن، 1200 موبائيل پوائنٽس ۽ 300 مستقل پيڪيج رليف مرڪز قائم ڪيا ويا آهن وزيراعظم چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز تي گيهه جي قيمت 100 روپيه گهٽ ڪئي وئي آهي. اٽي جي قيمت به 77 روپيه گهٽ ڪئي وئي آهي جڏهن ته حڪومت بي آءِ ايس پي جي تحت ملندڙ رقم ۾ اضافو ڪيو، 3 ڪروڙ 96 لک خاندانن کي بي آءِ ايس پي جي تحت وظيفو ڏنو پيو وڃي هن چيو ته انتظاميه کي هدايت ڏئي ڇڏي آهي ته انهي ڳالهه کي يقيني بنايو وڃي ته رمضان پيڪيج حاصل ڪرڻ لاءِ آيل مستحقين کي ڪنهن به قسم جي تڪليفن کي منهن نه ڏيڻو پوي.