اڄ ملڪ ۾ سون جي في تولي قيمت ۾ وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، پاڪستان ۾ في تولي سون جي قيمت 1800 رپيا گهٽتائي کانپوءِ 2 لک 28 هزار 300 رپيا ٿي وئي آهي اهڙي ريت ڏهه گرام سون 1544 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 1 لک 95 هزار 730 رپين جو ٿي ويو آهي عالمي مارڪيٽ ۾في اونس سون 18 ڊالر لاٿ کانپوءِ 2 هزار 179 ڊالرز جو آهي.