سينيٽ جي 6 سيٽن تي ضمني چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري

سينيٽ جي 6 سيٽن لاءِ ضمني چونڊ جي لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي، پولنگ جو عمل شام 4 وڳي تائين جاري رهندو سينيٽ جي اسلام آباد جي هڪ، سنڌ جون 2 ۽ بلوچستان جي 3 سيٽن تي چونڊ ٿي رهي آهي. حلف کڻندڙ 311 قومي اسيمبلي، سينيٽ جي سيٽن لاءِ ووٽ وجهندا. قومي اسيمبلي جي لاءِ ظفر اقبال کي ريٽرننگ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي ذريعن موجب ايم ڪيو ايم ضمني چونڊ کان لاتعلقي جو فيصلو ڪيو آهي، ايم ڪيو ايم جا ميمبر سينيٽ جي چونڊ ۾ ووٽ نه وجهندا. سينيٽ جي 6 خالي سيٽن تي ضمني اليڪشن لاءِ ووٽنگ قومي اسيمبلي، سنڌ اسيمبلي ۽ بلوچستان اسيمبلي ۾ جاري آهي. سيٽون 6 سينيٽرز جي استعيفيٰ ڏيڻ تي خالي ٿيون هيون يوسف رضا گيلاني، مولانا عبدالغفور حيدري، نثار کهڙو، ڄام مهتاب، پرنس احمد عمر ۽ سرفراز بگٽي سينيٽ مان استعيفائون ڏنيون هيون قومي اسيمبلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي الياس مهربان ۽ پيپلز پارٽي جي يوسف رضا گيلاني وچ ۾ مقابلو ٿيندو. سنڌ جي سيٽن تي پيپلز پارٽي جي ڄام سيف الله ڌاريجو ۽ محمد اسلم ابڙو جو سني اتحاد ڪونسل جي نذيرالله ۽ شازيه سهيل سان مقابلو آهي بلوچستان جي 3 سيٽن تي 9 اميدوار آمهون سامهون آهن. پيپلز پارٽي عبدالقدوس بزنجو، طارق حسين بگٽي ۽ شڪيل دراني کي ٽڪيٽ جاري ڪيو آهي. (ن) ليگ مير دوستين ڊومڪي، جي يو آءِ عبدالشڪور غيبزئي، بلوچستان عوامي پارٽي مبين خلجي ۽ ڪهده بابر کي مقابلي ۾ لاٿو آهي. آزاد اميدوار خيربيار ڊومڪي ۽ سيد محمود شاهه به قسمت آزمائيندا.