ٻن اڳوڻن وزيراعظم کي سزائون ٻڌائيندڙ احتساب عدالت جو جج محمد بشير رٽائرڊ ٿي ويو

ٻن اڳوڻن وزيراعظم کي سزائون ٻڌائيندڙ احتساب عدالت جو جج محمد بشير رٽائرڊ ٿي ويو آهي جج محمد بشير 13 مارچ 2012 تي احتساب عدالت ۾ مقرر ٿيو هو هن نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي سزائون ٻڌايون جنهن کان پوءِ جج محمد بشير پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي توشه خانه ڪيس ۾ سزائون ٻڌايون جج محمد بشير وٽ صدر آصف علي زرداري جي خلاف ڪيسز به ٻڌڻي هيٺ رهيا جڏهن ته هن شاهد خاقان عباسي، راجا پرويز اشرف ۽ يوسف رضا گيلاني جا ڪيسز به ٻڌا. سول جج محمد بشير توشه خانه ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ کان پوءِ طبي بنيادن تي موڪل وٺي ڇڏي هئي.