ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جي هدايتن تي رمضان آرڊيننس جي ڀڃڪڙي تي ڪارروايون، 2 هوٽلون سيل

ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد طارق قريشي جي هدايتن تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد نجيب الرحمان جمالي طرفان احترام رمضان آرڊيننس جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ايگريڪلچر جي سامهون قائم ديسي تڙڪه ۽ لاشاري هوٽل کي هڪ دفعو ٻيهر سيل ڪري ڇڏيو آهي ياد رهي ته پهرين رمضان المبارڪ تي به ديسي تڙڪه هوٽل جي خلاف ڪارروائي وئي هئي، پر هوٽل جي مالڪ پنهنجو قبلو صحيح نه ڪيو جنهن جي ڪري اڄ ٻيهر ڪارروائي ڪئي وئي آهي ان موقعي تي ميِڊيا سان ڳالهائيندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد نجيب الرحمان جمالي چيو ته اڄوڪي ڪارروائي جو مقصد رمضان آرڊيننس جي ڀڃڪڙي ڪرڻ کان روڪڻ آهي- ان سلسلي ۾ لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنرن پڻ روزاني جي بنياد تي صبح سوير سبزي منڊين جو دورو ڪري فروٽ ۽ ڀاڄين جي اگهن جو پڻ جائزو وٺندا آهن هن واضح ڪيو ته ڪارروائين جواهو سلسلو مقرر ڪيل اگهن تي مڪمل عملدرآمد تائين جاري رهندو- ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد ٻڌايو ته احترام رمضان آرڊيننس جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڪيترن ئي هوٽل مالڪن کي گرفتار ڪيوويو آهي. ان کان علاوه هوٽل کي پڻ سيل ڪيو ويو آهي. دوري دوران لاڳاپيل آفيسرز پڻ ساڻس گڏ هئا.