ڄامشورو انڊس هاءِ وي تي خوفناڪ حادثو، 2 ڄڻا موقعي تي فوت، عورت ٻارڙن سوڌو 5 ڄڻا زخمي

ڄامشورو انڊس هاءِ وي تي رڪشه ۽ ٽرڪ جو آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورت سميت 2 ڄڻا فوت، عورت ۽ ٻارڙن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا فوتي ۽ زخمين کي تعلقا اسپتال مانجهند منتقل ڪيو ويو، فوتين ۾ 27 ورهين جو شڪيل احمد سولنگي، 30 ورهين جي اختيار بانو شامل آهن، جڏهن ته عورت ۽ ٻارڙن سميت 5 ڄڻا زخمي آهن زخمين ۾ دمشاد سولنگي، حميدالله، ڪالو سولنگي، نوربانو ۽ ٻيا شامل آهن ٻڌايو وڃي ٿو ته رڪشه مانجهند کان ڳوٺ صرائي سولنگي وڃي رهيو هئو ته روڊ حادثو پيش آيو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.