هن حڪومت کي مودي سرڪار ۽ ايان علي کان سواءِ ٻيو ڪوبه نٿو مڃي: فواد چوڌري

استحڪام پاڪستان پاڙٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته هن حڪومت کي مودي سرڪار ۽ ايان علي کان علاوه ٻيو ڪوبه نٿو مڃي عدالت جي ڪمري ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران فواد چوڌري چيو ته موجوده حڪومت مئي تائين به نٿي هلي سگهي. يورپي يونين جي ڪنهن به ملڪ هن حڪومت کي مبارڪباد نه ڏني آهي هن چيو ته آصف علي زرداري کي خيبرپختونخواهه مان هڪ به ووٽ نه ملي سگهيو، هن حڪومت کي مودي سرڪار ۽ ايان علي کان علاوه ٻيو ڪوبه مڃڻ لاءِ تيار نه آهي فواد چوڌري چيو ته مولانا فضل الرحمان جيڪڏهن لانگ مارچ جو فيصلو ڪري ورتو ته حڪومت ختم ٿي ويندي، هن هٿ ٺوڪئي حڪومت کي هٽائڻ ۾ خيبرپختونخواهه حڪومت جو اهم ڪردار هوندو.