ضلعي ڪشمور جي ڊسٽرڪٽ مينيجر مسٽر وير ڀان تلريجا چيو ته اسان جي ضلعي ڪشمور ۾ ٽوٽل گھرن جو ٽارگيٽ 76278 آھي ۽ 73000 جي لڳ ڀڳ سروي ٿئي چڪي آھي ۽ 7000 ۽ ڪجھ ڪيس منظور ٿئي آيا آھن ۽ 6000 ماڻھون پئسه ڪڍرائي چڪا آھن ۽ انھن جو ڪم ھلي رھيو آھي (ڊي ئي ايم) وڌيڪ ٻڌايو ته تقريبن 7000 ماڻھن جي گھرن جي مختلف اسٽيجز تي ڪم ھلي رھيو آھي جنھن مان ڪجھ (ڊي پي سي) تي آھن ڪجھ (لينٽل) تي آھن ۽ ڪجھ (روف) تي آھن ڪجھ ماڻھن جي ڪيش ڪو نه ٿئي آھي جيڪا تمام جلد اچي ويندي .DEM وڌيڪ ٻڌايو ته اسين اھو پيغام ماڻھن تائين واضع پھچائڻ چاھيون ٿا ته نالا منظور ڪرڻ ھينڊز جي ھٿ ۾ نه آھن ۽ نه ئي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ جي ھٿ ۾ آھن ڇو ته SPHF پاڻ ھڪ ھڪ نالي کي ويريفاء ڪري ۽ لينڊ ويريفاء ڪري ٿي ۽ ان کان پوء ان جو سينٽرل اڪائونٽ کلي ٿو بينيفشريز پاڻ به ڪونه ٿو کولرائي SPHF جي سپوٽ سان سينٽرلائيز اڪائونٽ کلن پيا ۽ ان ۾ ڪجھ ٽائيم لڳي ٿو . ڪڏھن ايئن به ٿئي ٿو ته ڪجھ نالا منظور ٿئي اچن ٿا پر ان جي اڪائونٽ ۾ پئسه ڪونه ٿا اچن ته ان لاء درخواست ھوندي ته ٿورو انتظار ڪن ھي بينڪ ۽ گورنمنٽ جو ڪم آھي اھي سلسلي وار ڪليئر ٿئي ٿا اچن ان لاء اڃان به ڪٿي ڪنھن کي تڪليف ھجي ته اسان جي تعلقه سپروائيزرس ۽ اسان جي فيلڊ جي ٽيم سان رابطي ۾ اچن ھو انھن جي ڀرپور سپوٽ ڪندي ۽ رھنمائي ڪندي