۔شھر جي موچي پاڙي جي رھواسي نوجوان ثناء الله شيخ کي غوثپور پوليس ڏيڍ مھينو گذرڻ باوجود بازياب نه ڪرائي سگھي۔ مغوي جي وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي ٽيون ڀيرو احتجاج۔ ايس ايس پي ڪشمور کان ترت بازيابي جو مطالبو۔ وڌيڪ مليل تفصيل موجب غوثپور ڀرسان ڳڙھي لاڙو واري علائقي مان ڏيڍ مھينو اڳ اڻ ڄاتل ھٿياربندن ھٿان مبينه کنڀي کنيل پورھيت ثناء الله شيخ کي حد جي پوليس بازياب نه ڪرائي سگھي آھي۔ مغوي نوجوان جي والد عبدالغفور شيخ پنھنجي زال ۽ معصوم ٻارڙن سان ٽيون ڀيرو پاڪ ڪتاب کڻي صحافين جي آڏو دانھيندي چيو ته ڏوھارين پٽ جي رھائي لا۽ پنج لک ڀنگ طلب ڪئي آھي۔ غريب آھيون روز تي سائيڪل تي ڳوٺن ۾ وڃي شيون وڪرو ڪري پنھنجي ٻچن جو پيٽ پاليان ٿو۔ پنج لک ڀنگ ڀري نٿا سگھون اسانجي واھر ڪريو۔ اسان سخت پريشان آھيون ڪير به اسانجي سار نٿو لھي۔ وارثن ڊي آ۽ جي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته سندن نوجوان کي ترت بازياب ڪرائي سندن بيچيني ختم ڪئي وڃي