پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين جي ڪاميابي جا امڪان روشن آهن

تفصيل موجب ناڻي واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته پاڪستان انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) سان حتمي جائزي لاءِ سموريون اهم شرطون پوريون ڪري ورتيون آهن، شيڊول موجب شرطون لاڳو نه ڪيون ويون آهن، حتمي نظرثاني ڳالهيون سڀاڻي ختم ٿينديون، حڪومت آءِ ايم ايف کي نجڪاري پروگرام تي ڪم تيز ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي، آءِ ايم ايف سان ڳالهيون تعميري ۽ هاڪاري انداز ۾ جاري آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان حتمي جائزي لاءِ سموريون اهم شرطون پوريون ڪري ورتيون آهن، هاڻي ڪاميابي جو امڪان آهي. ڳالهيون آءِ ايم ايف جي اطمينان سان مشروط آهن، ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب ڳالهين جي ڪاميابي تي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف سطح تي معاهدو ٿيندو، نظرثاني مشن 1.1 ارب جي حتمي قسط جي سفارش ڪندو. ڳالهين جي ڪاميابي تي آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ کي ڊالرن جي قسط جاري ڪرڻ جي سفارش ڪئي ويندي ذريعن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 3 ارب ڊالرن جي مختصر مدي واري قرض جي پروگرام تحت ڳالهيون هلي رهيون آهن.