تفصيل موجب ڪرمپور لڳ پارڪو وٽ تيز رفتار ٻن ڪارن ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي م جماعت اسلامي جي اڳواڻ عبدالحفيظ بجاراڻي ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس ڀائيٽو سخت زخمي ٿي پيو جڏهن ته ٻي ڪار ۾ سوار رنجيت ڪمار ٿڏي تي فوت ٿي ويو سندس ٽي عورتون سخت زخمي ٿي پيون اهڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته جماعت اسلامي جي اڳواڻ عبدالحفيظ بجاراڻي جو لاش ڪرمپور گهر پهچڻ تي قعورام مچي ويو جڏهن ته ڪنڌڪوٽ واسي نوجوان رنجيت ڪمار جو مڙهه ڪنڌڪوٽ پهچڻ تي قعورام مچي ويو ٻن ڪارن جي وچ ۾ اور ٽيڪ سبب حادثو پيش آيو آهي