تنگواڻي ۾ قتل ٿيل پرائمري استاد الله رکيو جي قتل کي ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ڪارنهن تڪرار جو رنگ ڏئي ڇڏيو آهي جنهن بعد سڄاڻ ڌرين ۾ ڪاوڙ واري لهر ڇانئجي وئي آهي ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ واقعي جو نوٽيس وٺندي جاري ڪيل ٻڌرائي ۾ چيو آهي ته پرائمري استاد الهه رکيو نندواڻي کي ڪارنهن جي الزام هيٺ آيلن کي بچائڻ واري معاملي تي پلاند ۾ قتل ڪيو ويو آهي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺندي واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏئي ڇڏيو آهي ان حوالي سان ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پنهنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو آهي ته شروعاتي جاچ ۾ قتل ٿي ويل استاد جي وارثن ٻڌايو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪاروڪاري جي تڪرار تان جوابدارن بگي نندواڻي، هادي بخش عرف هادو نندواڻي ۽ پيارو نندواڻي سندن مائٽ کي قتل ڪرڻ لاءِ ڳوٺ تي حملو ڪيو هو ته استاد الهه رکيو نندواڻي فائرنگ ڪري جوابدارن کي ڀڄائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو ان حملي بعد جوابدار بگي نندواڻي استاد الهه رکيو نندواڻي کي ڌمڪي ڏني هئي ته تو اسان جي ڪاري کي بچايو آهي جنهن جي پلاند ۾ اسان توکي قتل ڪنداسين هوڏانهن ڊي آئي جي لاڙڪاڻو جي اهڙي بيان بعد سوشل ميڊيا تي ڊي آئي جي لاڙڪاڻو مٿان ڇتي تنقيد پڻ ڪئي وئي آهي جڏهن ته سڄاڻ ڌرين سنڌ حڪومت کان مطالبو مقتول استاد جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي ۽ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو کي فوري طور هٽائي واقعي جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي وڃي.