ٺٽو: ڪاجهرو ڪريڪ وٽ ملاحن جي رڇ ۾ ڪروڙين روپين جي سوئا مڇي ڦاسڻ بعد مهاڻن جا چهرا ٻهڪي پيا

ڪيٽي بندر جي سامونڊي وسندي جي ماھيگيرن جا ڀاڳ کُلي ويا سمنڊ مٿن مھربان ٿي ويو.سندن عيد کان اڳ عيد ٿي وئي، رپورٽ موجب ڪيٽي بندر جي ڪاجھرو ڪريڪ وٽ ملاحن جي رڇ ۾ ڪروڙين روپين جي سوئا مڇي ڦاسڻ بعد ماھيگيرن جا چھرا ٻھڪي پيا، ناکئي حنيف جت، حسن ڪاتيار ۽ حبيب ڪاتيار جي ھوڙن جي رڇ ۾ ڪروڙين روپين جي ناياب سوئا مڇي ڦاسي پئي ڪاجھرو ڪريڪ وٽ رڇ ۾ ڦاٿل ناياب سوئا مڇي جو تعداد 3 سئو کان مٿي ٻڌايو وڃي پيو جنھن جي ماليت ڪروڙين روپيا ٻڌائي پئي وڃي، ھوڙي جي مالڪن. ناکئين سميت مسڪين خلاصي ماھيگيرن جي گھرن ۾ عيد کان اڳ عيد جون خوشيون چهرا معصوم ٻارن توڙي عورتن جا چهرا ٻهڪي پيا.