صدر آصف زرداري مظاهر نقوي کي هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

صدر آصف زرداري مظاهر نقوي کي عهدي تان هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي قانون واري وزارت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي اڳوڻي جج مظاهر نقوي جي برطرفي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو نوٽيفڪيشن موجب سپريم جوڊيشل ڪونسل مظاهر نقوي کي جوڊيشنل مس ڪنڊڪٽ جو مرتڪب قرار ڏنو هو. مظاهر نقوي جي بطور جج استعيفيٰ ڏيڻ جو به نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو آهي ياد رهي ته هلندڙ مهيني سپريم جوڊيشل ڪونسل مظاهر نقوي کي برطرف ڪرڻ جي سفارش ڪندي پنهنجي راءِ جي منظوري صدر ڏانهن اماڻي هئي ان حوالي سان جاري ٿيندڙ پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم جوڊيشل ڪونسل مظاهر نقوي جي خلاف 9 شڪايتن جو جائزو ورتو. اهڙين شڪايتن جو جائزو آئين جي آرٽيڪل 206 جي شق 6 جي تحت ورتو ويو. مظاهر نقوي اهڙين شڪايتن ۾ مس ڪنڊڪٽ جو مرتڪب قرار ڏنو ويو جنهن سبب کيس جج جي عهدي تان هٽائڻ گهرجي ها.