وزيراعظم محمد شهباز شريف سميت ڪابينا ميمبرن رضاڪاراڻي طور تي پگهارون ۽ مراعتون نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 4 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. ڪابينا ميمبرن حڪومتي سطح تي سادگيءَ کي هٿي وٺرائڻ جي سلسلي ۾ پگهارون ۽ مراعتون نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ڪابينا کي آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول جي معاهدي تي تفصيلي بريفنگ ڏني، جنهن ۾ چيو ويو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي سان ملڪي معيشت ۾ بهتري ايندي ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد وڌيڪ وڌڻ جو امڪان آهي. ڪابينا پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) هولڊنگ ڪمپني جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي، جيڪا پي آءِ اي جي نجڪاري جي طرف هڪ اهم قدم آهي فاقي ڪابينا مير علي حملي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ سندن لاءِ فاتحه خواني ڪئي، ڪابينا ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ عزم جو اظهار ڪيو. ڪابينا اجلاس ۾ ملڪ جي معاشي ۽ سڪيورٽي صورتحال تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين تي به ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو ويو ڪابينا پي آءِ اي جي نجڪاري واري معاملي جو جائزو ورتو، جڏهن ته شيرين مزاري جي نظربندي ۽ حيدرآباد ۾ بينڪنگ ڪورٽ جي بحالي جي جاچ لاءِ قائم ڪميشن جي رپورٽ جي به منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ اي سي سي جي فيصلن جي به منظوري ڏني ويندي.