جي پي اي ڪامپليڪس ۾ ڌماڪو ٿيو، ڪمپليڪس مان فائرنگ ۽ ڌماڪن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وڌيڪ اهلڪارن کي طلب ڪيو ويو آهي پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته گوادر پورٽ اٿارٽي ڪامپليڪس تي نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ سبب ٿيل نقصان جو اندازو لڳايو پيو وڃي. سڪيورٽي فورسز جو آپريشن جاري آهي، دهشتگردن ڪامپليڪس اندر پوزيشنون سنڀالي ورتيون آهن، سخت فائرنگ به ڪئي پئي وڃي. ياد رهي ته گوادر فش هاربر جي عمارت ۾ ماهيگيرن جون آفيسون آهن. جي پي اي ڪامپليڪس ۾ مقرر سيڪيورٽي اهلڪارن طرفان جوابي فائرنگ جاري آهي. واقعي جو اطلاع ملندي ئي وڌيڪ پوليس ۽ سڪيورٽي فورسز کي طلب ڪيو ويو اکين ڏٺن شاهدن موجب ڪمپليڪس مان مسلسل فائرنگ ۽ ڌماڪن جا آواز اچي رهيا آهن. علائقي واسين موجب 4 کان 5 ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن ۽ علائقي مان دونھون نڪري رهيون آهن. گوادر پورٽ اٿارٽي ڪمپليڪس تي حملو ڪندڙ دهشتگردن جو تعداد اڃا تائين معلوم ناهي ٿي سگهيو.