ڪنڌڪوٽ:رات جو دير سان جمال ٿاڻي جي حد ڳوٺ سهراب بجاراڻي ۾ چور قمر چولياڻي جي گهر ۾ گهڙي چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي

ڪنڌڪوٽ: رات جو دير سان جمال ٿاڻي جي حد ڳوٺ سهراب بجاراڻي ۾ چور قمر چولياڻي جي گهر ۾ گهڙي چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا جنھن بعد چورن ۽ ڀاڳين وچ ۾ فائيرنگ ٿي پئي ڀاگين جي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب چور محمد شريف بنگلاڻي ٿڏي ٿي مارجي ويو جڏهن ته هڪ چور جي زخمي ٿيڻ جا پڻ اطلاع مليا آهن۔ زخمي چور کي ساٿي کڻي اونداهي جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويا۔ اهڙو اطلاع گهر ڌڻين جمال پوليس کي ڏنو ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل چور جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ ڪرمپور اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو چوري تان پيش آيو آهي۔ پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل چور اشتهاري ڏوهاري حسو بنگلاڻي جو ويجهو عزيز آهي۔ پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته فرار ٿي ويل چورن جي گرفتاري لاءِ پوليس جا مختلف ڳوٺن تي ڇاپا جاري آهن جلد ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو۔ واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو آھي