ڪنڌڪوٽ:غوثپور شھر جي قديم بابا غريبداس مندر ۾ ٻھ سئو پنج ساله ”ھولي واري ميلي“ جون تقريبون شروع ٿي ويون

ڪنڌڪوٽ غوثپور شھر جي قديم بابا غريبداس مندر ۾ ٻھ سئو پنج ساله ”ھولي واري ميلي“ جون تقريبون شروع ٿي ويون۔ ميلي جي موقعي تي بابا غريبداس مندر کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو آھي۔ميلي ۾ سنڌ جي مختلف شھرن ڪشمور۔ بخشاپور۔ بڊاڻي۔ ڪنڌڪوٽ۔ ٺل۔ جيڪب آباد۔ ڪرمپور ۽ ڪراچي سميت ٻين شھرن مان سوين مرد توڙي عورت عقيدتمندن جي آمد جاري۔ميلي جي تقريب ۾ ھندستان جي مختلف شھرن مان ڇھن ياترين جي وفد جي به شرڪت۔ ميلي جي تقريب جي شروعات ”يگيه“ جي رسم سان شروع ڪئي ويئي۔ ان موقعي تي مختلف شھرن مان آيل ڪيترن ئي بي اولاد جوڙن کي ٻيھر باه آڏو ست ڦيرا پارائي سندن جي اولاد لا۽ اجتمائي دعا گھري ويئي۔ ميلي جي موقعي تي پئنچايت طرفان سنڌ جي خوشحالي ۽ ملڪ جي سلامتي لا۽ پڻ خصوصي پراٿنا ڪئي ويئي۔ ميلي جون تقريبون ٽي ڏينھن جاري رھنديون آھن۔ پئنچايت طرفان سوين آيل پانڌيئڙن لا۽ لنگر ۽ رھائش جو بندوبست به ڪيو ويندو آھي۔ ايس ايس پي ڪشمور جي ھدايتن تي ميلي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آھن