ڪوئيٽا: هندو برادري جي مذهبي ڏڻ هولي جي موقعي تي 25 مارچ تي عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي تفصيل موجب بلوچستان جي وڏي وزير هندو برادري جي مذهبي تهوار هولي تي 25 مارچ تي موڪل جو اعلان ڪندي ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي ايم پي اي سنجي جي درخواست تي وڏي وزير موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، واضح رهي ته هر سال 23 مارچ جي موقعي تي وفاقي حڪومت طرفان عام موڪل جو اعلان ڪيو ويندو آهي، هن وقت تائين وفاقي حڪومت طرفان عام موڪل جو اعلان ناهي ڪيو ويو. وفاقي حڪومت رڳو ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي مقامي سطح تي موڪل جو اعلان ڪيو آهي