واھي پانڌي ڀرسان ھٿياربندن جي فائرنگ، پورھيت زخمي

واھي پانڌي ويجهو ڪڻڪ جي لاباري تي ويل پورھيت تي نامعلوم ھٿياربندن پاران مبينا طور فائرنگ گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ نويد کوسو سخت زخمي کيس تعلقه اسپتال جوھي منتقل ڪيو ويو تفصيلات موجب پٽ گل محمد ٿاڻي جي حد ڇر جي علائقي ۾ پورھيت نوجوان نويد کوسو تي نامعلوم ھٿياربندن فائرنگ ڪئي گوليون لڳڻ سبب کيس سخت زخمي ڪيو ويو، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقه اسپتال جوھي منتقل ڪيو ويو وارثن موجب تعلقه اسپتال جوھي ۾ علاج جي سهولت نه ھجڻ ڪري زخمي نوجوان کي نازڪ حالت ۾ سيوھڻ ريفر ڪيو ويو زخمي نوجوان جي وارثن جو الزام آھي ته معمولي ڳالھ تي پنھنجي برادري جي ماڻھن نوجوان تي فائرنگ ڪئي، گوليون لڳن سبب کيس سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي پٽ گل محمد پوليس ٻڌايو ته ڳوٺ اٺين شاخ جي رھواسي نوجوان نويد پٽ قاسم کوسو تي پراڻي تڪرار تان پنھنجي برادري جي ماڻهن فائرنگ ڪئي گوليون لڳڻ سبب سخت کيس زخمي ڪيو ويو پوليس جو وڌيڪ چوڻ ھو ته اھڙو اطلاع ملڻ تي واقعي واري ھنڌ پهچي زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جوھي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن کيس سيوھڻ ريفر ڪيو متاثر ڌر جي فرياد تي جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪئي آھي ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.