بخشاپور لڳ استاد الله رکيو نندواڻي بخشاپور ۾ هڪ مهينو اڳ استاد مراد علي بنگوار محمد پناه بنگوار پوليس ادب حسين مسعود بنگلاڻي

تفصيل موجب ڪشمور ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني استادن کي سرعام قتل ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ بخشاپور لڳ انڊس هاءِ وي ڦاٽڪ بند ڪري ڇڏيو بخشاپور انڊس هاءِ وي تي استاد تنظيمن ۽ سياسي سماجي سول سوسائٽي طرفان ڪجھ ڏينھن اڳ قتل ٿيل استاد الله رکيو نندواڻي جي ناحق قتل خلاف ۽ ضلعي ڪشمور ۾ وڌندڙ بدامني اغوا ڦرون ڌاڙن خلاف انڊس هاءِ وي بند ڪري ڇڏيو شاميانو هڻي ويهي رهيا ان موقعي تي اڳواڻ عبدالخالق بنگوار ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته بخشاپور ۾ هڪ مهينو اڳ استاد مراد علي بنگوار محمد پناه بنگوار پوليس اهلڪار ادب حسين مسعود بنگلاڻي روشن الدين ڊومڪي استاد جمعو جکراڻي طفر لاکو ۽ ٻين جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ استاد تنظيمن ( پ ٽ الف) گسٽا سول سوسائٽي ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ وارثن پاران انڊس هاءِ وي بند ڪري ڇڏيو ڌرڻي دوران سنڌ پنجاب سرحد بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي مسافر سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ضلعي ڪشمور ۾ وڌندڙ بدامني سر عام قتل عام اغوا ڦر جون وارداتون ٿين پيون پر ڪشمور ضلعي جي پوليس هڪ به جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن ڏوهارين خلاف فوجي آپريشن ڪري ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري بيگناھ شهيد ٿيلن سان انصاف ڪيو وڃي هنن وڌيڪ چيو ته پوليس قاتلن کي گرفتار ڪري نه سگهي آهي هنن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت جي وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه آئي جي سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي کان ۾ مطالبو ڪيون ٿا ته فورن نوٽس وٺي مقتولن جا قاتل گرفتار وڃن ٻئي طرف ڌرڻي واري هنڌ پوليس پهچي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون ۽ خاطري ڪرائي جنهن بعد روڊ کي کولرايو ويو