ڄامشورو:انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار گاڏي ڪلٽي، 3 ڄڻا اجل جو شڪار

ڄامشورو ڀرسان انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار گاڏي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا موجب انڊس هاءِ وي تي پوليس هڪ گاڏي کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ته گاڏي ۾ سوار ماڻهن پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن کان پوءِ جوابدارن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پوليس جوابي فائرنگ ڪندي جوابدارن جو پيڇو ڪيو ته تيز گاڏي خاڻوٺ ڀرسان اونهي کڏي ۾ ڪري پئي. جنهن سبب گاڏي ۾ سوار 3 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا پوليس ٻڌايو آهي ته ٽنهي ڄڻن جا لاش ڪڍي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. لاشن جي سڃاڻپ ۽ واقعي جي مڪمل جاچ ٿيڻ کان پوءِ ڪيس داخل ڪيو ويندو.