قاضي احمد ڀرسان پٻجو پوليس ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ واحد بخش ڏاھري ۾ زمين جي مقاطعي واري تڪرار سبب ڏاهري برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ رات سحريء جي وقت خوني جهيڙو ٿيو آھي جهيڙيندڙ ڌرين هڪ ٻئي مٿان هٿيارن ها منهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا قتل جڏهن ته 5 زخمي ٿي پيا آهن ڏاهري برادري جي ٻن ڌرين رات سحري وقت ھڪ ٻئي مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ سڌيون گوليون لڳڻ سبب عبدالغني ڏاهري سميت 7 ڄڻا قتل قتل ٿي ويا آھن جڏھن ته سعيد خان ڏاهري، غلام رسول ڏاهري، غلام قادر ڏاهري، نبي بخش ڏاهري، غلام شبير ڏاهري گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيا آھن زخمين کي نواب شاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي جڏھن ته مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم جي لاء نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. ھوڏانھن پٻجو پوليس ٿاڻي جي ايس ايڇ او موجب 7 ڄڻا قتل ٿيا آھن هڪ ڌر جي ڇهن ڄڻن جا لاش واقعي واري هنڌ پيل آھي نالن جي سڃاڻپ نه پئي ٿئي پوليس موجب ڪڻڪ جي کري تي ٿريشر وهائڻ واري عمل بعد ڌرين وچ ۾ جيھڙو ٿيو آھي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فائرنگ بند ڪرائي ورتي آهي.