سڄي ملڪ ۾ موسم خشڪ ۽ جهڙالو رهندو پر ڪجهه شهرن ۾ کنوڻ سان گڏ هلڪي برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران خيبرپختونخواهه، ڏکڻ پنجاب، اتر بلوچستان خطو پوٽهوهار، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ لاڳاپيل جابلو علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ کنوڻ سان هلڪي برسات جو امڪان آهي موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ موسم جهڙالو رهڻ کان علاوه ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ کنوڻ سان هلڪي برسات به پئجي سگهي ٿي موسميات کاتي جي رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم خشڪ رهيو. نوابشاهه ۾ گرمي پد 39، ڇور، مٺي، سڪرنڊ، 39، لسبيله ۽ حيدرآباد ۾ 38 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.