پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سنڌ سراپا احتجاج بڻيل، مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا

معصوم نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي سڏ تي سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن ۽ ڌرڻن جو سلسلو جاري آهي سنڌ مان ڌاڙيل راڄ سنڌي هندن کي لڏائڻ، پريا ڪماري سميت اغوا ٿيل مغوين جي آزادي لاءِ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي ڌرڻا ۽ ريليون ڪڍيون ويون جڏهن ته جيئي سنڌ محاذ جي مُک ريلي حيدرآباد ۾ سخي ستار ڏنو چولياڻي، هائوس کان چيئرمين رياض علي چانڊيو، جنرل سيڪريٽري غفار ميرجت، ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، راهول چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو ريل يکي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ هڪ دفعو ٻيهر سرگرم ڪري لاٿو ويو آهي سنڌو درياءَ جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي آڙ ۾ آپريشن ڪري لکين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪن ان زمين تي مستقبل قبضي لاءِ جواز ناهن ته ماڻهو ڌاڙيل گردي ذريعي خوفزده رهي معاشي سرگرمي کان محروم رهن گهوٽڪي ۾ به جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي مظاهرين چيو ته معصوم نياڻي کي اغوا ٿئي ڪافي وقت گذرڻ باوجود اڃان تائين سندن بازيابي نه ٿي سگهي آهي فوري طور تي قدم کڻي کيس آزاد ڪرايو وڃي لاڙڪاڻو، نوابشاهه، ڄامشورو، سن، ٽنڊومحمدخان، ٿرپارڪر، ٽنڊوالهيار، ميرپورخاص، مٽياري، نوشهروفيروز، مٺي، گهارو سميت مختلف شهرن ۾ ڌرڻا هڻي روڊ بلاڪ ڪيا ويا.