سنڌ سميت ملڪ ۾ رهندڙ هندو برادري اڄ پنهنجو مذهبي ڏڻ هولي عقيدت و احترام سان ملهائيندي، روشنين جي تهوار تي مندرن ۽ گهرن کي ڏيئن ۽ بتين سان سجايو ويو آهي، شام ڌاري گهرن ۾ پوڄاپاٺ ڪري ملڪ ۽ قوم جي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون وينديون، سڀاڻي سومر تي ڌوڙئي جي موقعي تي هندو برادري هڪٻئي مٿان رنگ هاريندي.