اڄ صبح جو ڳوٺ وارا جيئين ئي سجاڳ ٿيا ته ڳوٺ ڀرسان پيل ميزائيل بم ڏسي سخت پريشان ٿي ويا۔ ڳوٺاڻن رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ان واقعي جو اطلاع ايس ايس پي ڪشمور جي آفيس ۾ به ڏنو آھي پر ھن مھل تائين بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو ڪوبه عملو ناھي پھتو ڳوٺاڻن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان خوف سبب گھر خالي ڪري ويا آھيون رابطي ڪرڻ تي حد جي ايس ايڇ او ٻڌايو ته مون ھڪ پوليس اھلڪار واقعي واري ھنڌ تعينات ڪري ڇڏيو آھي ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ لاڙڪاڻي مان روانو ٿي آيو آھي جيئن ئي عملو پھچندو ته ڪاروائي شروع ڪنداسين ٻئي پاسي متاثر ڳوٺاڻن ايس پي ڪشمور ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي اپيل ڪئي ته واقعي واري ھنڌ پھچي مسئلو حل ڪيو ته جيئن ڳوٺ وارن مان خوف جي لھر ختم ٿئي ۽ ڪو جاني نقصان نه ٿئي