سنڌ جي عظيم صوفي بزرگ حافظ عبدالوھاب فاروقي المعروف حضرت سچل سرمست جي 203 عرس مبارڪ جي سرڪاري تقريبن جو افتتاح اوقاف کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاهه درازا شريف پهچي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي ڪيو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اوقاف کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاهه چيو ته سنڌ ۾ نگران حڪومت جي دور ۾ بدامني ۾ اضافو ٿيو سنڌ حڪومت بدامني خلاف ايڪشن کڻي رهي آهي ڪشمور ۽ ٻين ضلعن ۾ پوليس رينجرز سان گڏ آپريشن ڪري رهي آهي بدامني ۾ جيڪو به ملوث هوندو ان خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. هن چيو ته پريا ڪماري اسان جي نياڻي آهي جنهن جي بازيابي لاءِ سنڌ حڪومت اثرائتي ڪارروائي ڪري رهي آهي تمام جلد پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو ويندو ذوالفقار شاهه چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي حضرت سچل سرمست امن ڀائيچاري پيار محبت جو پيغام ڏنو آهي درگاھ حضرت سچل سرمست جو مقبرو زبون حال ٿي ويو آهي جنهن بابت وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه سان ڳالھ ٻولهه ڪندس سنڌ جي تاريخي ماڳن جي سار سنڀال لاءِ سنڌ حڪومت قدم کڻي رهي آهي نوجوانن کي تعليم ۽ تربيت لاءِ مختلف ضلعن ۾ لائبريري قائم ڪري رهيا آهيو لاڙڪاڻي ۾ به لائبريري قائم ڪئي وئي آهي تاريخي ماڳ موهن جو دڙو تي انٽرنيشنل ايئرپورٽ قائم ڪئي ويندي ملڪ ۾ مهانگائي آهي ان حوالي آئي ايم ايف سان ڳالھيون هلي رهيون آهن سنڌ حڪومت عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ٽيمون جوڙي ورتيون آهن رمضان شريف ۾ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ريٽ لسٽون جاري ڪيون ويون آهن ريٽ لسٽ مطابق عام استعمال جون شيون وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي جنھن بعد محفل سماع صوفي فنڪارن سچل جا ڪلام ڳائي ڊي جي ڪلچرل منور مھيسر کي جھومائي ڇڏيو ان موقعي تي نوجوان ايم پي اي ھالار وساڻ پ پ پ اڳواڻ منور وساڻ ايس ايس پي خيرپور زبير شيخ پڻ موجود هئا. جڏھن ته سيڪيورٽي جا انتظام تمام سخت ڪيا ويا آھن.