اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط تي اوپن ڪورٽ جاچ لاءِ درخواست داخل

اسلام هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط جي اوپن ڪورٽ جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخاوست داخل ڪئي وئي آهي سپريم ڪورٽ ۾ ميان دائود ايڊووڪيٽ طرفان آئيني درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط تي سپريم ڪورٽ جي بااختيار ڪميشن ٺاهي انڪوائري ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي درخاوست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جو خط هڪ طئي ٿيل منصوبو لڳي لڳي رهيو آهي ۽ سپريم جڊيشل ڪائونسل اهڙن تڪرارن جي جاچ جو ادارو نه آهي درخواست گذار جو موقف آهي ته ججن جو سپريم جڊيشل ڪائونسل کي خط عدليه کي اسڪينڊلائز (تڪراري) ڪرڻ برابر آهي، 6 ججن پنهنجي خط ۾ پي ٽي آءِ باني جي رڳو هڪ ڪيس جو مثال پيش ڪيو ۽ ان کانسواءِ ڪنهن هڪ به ڪيس جو واضح حوالو ۽ ثبوت ناهي ڏنو ياد رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن سپريم ججن عدالتي ڪيسن ۾ ڳجهي ايجنسين جي مداخلت تي سپريم جڊيشل ڪائونسل کي خط لکيو هو، جنهن ۾ عدالتي معاملن ۾ انتظاميا ۽ ڳجهن ادارن جي مداخلت تي مدد گهري وئي هئي هاءِ ڪورٽ جي ججن طرفان لکيل خط جي ڪاپي سپريم ڪورٽ جي سڀني ججن کي به موڪلي وئي هئي، خط ۾ عدالتي معاملن ۾ ايگزيڪيوٽو ۽ ايجنسين جي مداخلت جو ذڪر ڪيو ويو هو هاءِ ڪورٽ جي ججن سپريم جڊيشل ڪائونسل کي لکيل خط ۾ مطالبو ڪيو هو ته عدليا ۾ ڳجهن ادارن جي مداخلت ۽ ججن تي اثرانداز ٿيڻ جي معاملي تي جڊيشل ڪنوينشن گهرايو وڃي سپريم جڊيشل ڪائونسل کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن خط لکيو هو، خط لکندڙن ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس بابر ستار، جسٽس سردار اعجاز اسحاق، جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز شامل آهن.