ڪنڌڪوٽ لڳ گذريل ڏينهن بڊاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ احمد ڀيو ۾ مڙس علي بخش ڀيو پنهنجي زال مسمات روبينا خاتون ڀيو کي ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو اھڙي واقعي خلاف مقتولا عورت روبينا خاتون ڀيو جو پيء علي اصغر ڀيو پريس ڪلب ڪنڌ ڪوٽ آڏو احتجاج ڪندي چيو آهي جوابدار مڙس علي بخش ڀيو جواريء قسم جو ماڻهو آهي هر روز منهنجي نياڻي کي تشدد ۽ مارڪٽ ڪندو هو ھو منهنجي نياڻي کان زيور گھرندو ھو انڪار ڪرڻ تي منهنجي نياڻي کي ڪوڙو ڪارنھن جو الزام ھڻي ڪھاڙين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري لاش دريا ۾ اڇلائي ڇڏيو اٿس لاش اڃان تائين ناھي مليو واقعي جو ڪيس بڊاڻي ٿاڻي تي پڻ داخل ڪرايو آهي پوليس جوابدار علي بخش ڀيو کي اڃان تائين گرفتار ناھي ڪري سگھي ھنن ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪندي چيو جلد نياڻي جي قاتل کي گرفتار ڪري مون مسڪين سان انصاف ڪيو وڃي