ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ جعفري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو فائرنگ ھڪ ڄڻو قتل مليل ڄاڻ موجب

ڪنڌڪوٽ بڊاڻي ويجهو گبلو ٿاڻي جي حد ڳاڙھي موري لڳ ڳوٺ شاه علي جعفري ۾ مبينا خودڪشي ڪندڙ معشوق علي جعفري جي قتل جي ڪوڙي الزام خلاف ڳوٺاڻن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج انصاف جو مطالبو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ پير جان جعفري ٻارن سان گڏجي چيو ته اسان جو ڳوٺ بوهڙ جعفري آھي مامن حبيب جعفري ڌر وارن سان پئسن جي ڏيتي ليتي جي مسئلي تان ڪجه وقت اڳ جهيڙو ٿيو هو ان ۾ ڊي ايس پي اصغر علي شاه ڄام سندراڻي وٽ فيصلو رکرايو آھي اسان کي مارجي ويل معشوق علي جي ڪابه خبر ناهي علائقي واسين جو چوڻ آھي ته معشوق علي جعفري خودڪشي ڪئي آھي اسان ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي ايس ايڇ او گبلو صاحب خان جاگيراڻي کي ۽ وس وارن هن پاڪ ڪتاب جو واسطو آھي ته مسئلو جي صاف شفاف جاچ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي