لاڙڪاڻي مان ڪجهه مهينا اڳ اغوا ٿيل نوجوان کي پوليس ڊرامائي انداز ۾ بازياب ڪرائي ورتو

لاڙڪاڻو: مان ڪجهه مهينا اڳ اغوا ٿيل ڪوثر مل واسي خير محمد جمالي کي لاڙڪاڻو پوليس ڊرامائي انداز ۾ بازياب ڪرائي ورتو آهي اهڙي بازيابي تي پوليس جي ڪارڪردگي تي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن شهر ۾ اهي ڳالهيون به گردش ڪري رهيون آهن ته 20 لک ڀُنگ عيوض مغوي نوجوان خير محمد جمالي کي ڌاڙيلن وٽان آزاد ڪرايو آهي پر ايس ايس پي لاڙڪاڻو روحل کوسو شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ وارثن کي گهرائي پنهنجي ئي آفيس ۾ نوٽن جا هار پائي نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي وڏي حيرت جي ڳالهه اها به آهي ته جيڪڏهن نوجوان کي مقابلي ۾ بازياب ڪرايو ويو آهي ته ڪٿي ڪاروائي ٿي يا مقابلو ٿيو اهو به ناهي ٻڌايو ويو ۽ حد ته وري اها به آهي ته ڪاروائي دوران ڪا به گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي وئي يعني ان ڳالهين مان صاف ظاهر آهي ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو روحل کوسو ڪوڙو ڪريڊٽ حاصل ڪرڻ لاءِ نوجوان جي بازيابي جو ڊرامو رچايو آهي ۽ عوام تائين اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته پوليس ڌاڙيلن خلاف جنگ جوٽيون بيٺي آهي پر اڄ جي هن بازيابي مان ظاهر ٿو ٿئي ته پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ رابطہ بحال آهي صرف عام ماڻهن کي خوف ۾ مبتلا ڪرڻ لاءِ اغوائن جي وارداتن کي هٿي ڏني پئي وڃي