ڪراچي: ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ بخشاپور واسي نوجوان راڻو ڊومڪي قتل ٿي ويو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو عمران ۽ راڻو ڊومڪي موٽرسائيڪل تي وڃي رهيا هئا ته اڻڄاتل هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪئي، زخمي عمران ڊومڪي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو پوليس موجب واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو، نوجوان راڻو ڊومڪي قتل ٿي ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون هوڏانهن مقتول جي وارثن چيو آهي ته بڊاڻي ڌُر جي هٿياربندن راڻي کي قتل ڪيو آهي، جڏهن ته بڊاڻي ڌُر پاران قتل ۾ ملوث هجڻ جي الزامن جي ترديد ڪئي وئي آهي
