هاري ڪارڊ تي مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف جي تصوير لڳائڻ جو قدم لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست شهري مشڪور حسين وڪيل جي حوالي سان داخل ڪئي جنهن ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي صوبائي حڪومت ۽ نوازشريف کي ڌر بنايو ويو آهي درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته عوامي فنڊز ذاتي مشهوري لاءِ استعمال نٿا ٿي سگهن. هاري ڪارڊ تي نوازشريف جي تصوير لڳائڻ قانون جي ڀڃڪڙي آهي درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب حڪومت کي نوازشريف جي تصوير وارا هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ کان روڪي، هاري ڪارڊ تي نوازشريف جي تصوير لڳائڻ تي ايندڙ خرچ نوازشريف کان وصول ڪيا وڃن درخوست گذار چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ درخواست جي حتمي فيصلي تائين هاري ڪارڊ جي پرنٽنگ روڪڻ جو حڪم ڏئي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن لاهور ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پنهنجي صدارت هيٺ زرعي اصلاحات تي منعقد ٿيل اجلاس ۾ نوازشريف هاري ڪارڊ جي منظوري ڏني هئي.